رند نواز علي خان

رند، نواز علي خان: ملهه پهلوان نواز علي رند 1948ع ڌاري ڳوٺ الهڏني رند، تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان آهي. هن جو چاچو محمد اسماعيل رند به ملهه پهلوان هو، جنهن کي ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندو ڏسي، هن کي به شوق ٿيو. سندس تربيت به چاچي ڪئي، جنهن کيس ملهه جا مڪمل انگ سيکاري شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ٽئين جوڙ کان ملهه وڙهڻ جي شروعات ڪئي، ٽئين جوڙ ۾ هي پهلوان پنهنجي ڳوٺ جي ويجهڙائيءَ وارن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندو رهيو، ٻن سالن بعد سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر جي ملاکڙي ۾ ويو ۽ ٻئي جوڙ جي ناليوارن ملهه پهلوانن سان مقابلا ڪري نالو ڪڍيائين، ٻئي جوڙ ۾ ٽي سال رهڻ بعد ترقي ڪري پهرئين جوڙ ۾ پهتو. پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿيڻ بعد سنڌ کان سواءِ پنجاب ۽ بلوچستان جي ملاکڙن ۾ شريڪ ٿي سوڀ ماڻيائين. سنڌ جي بهترين ملهن سان سندس مقابلا ٿيا ۽ ڪافي انعامي ڪپ حاصل ڪيائين. نواز علي رند هميشه لاڙ جي ملهن جي طرف کان وڙهندو هو. هن وقت وڏيءَ عمر سبب ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني اٿس، پر ڏسڻ جو شوق جاري رکيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو